شبير سخيراڻي

شبير سخيراڻي

شبير سخيراڻي

شبير سخيراڻي: راڳي شبير سخيراڻيءَ جو اصل نالو غلام شبير سخيراڻي آهي. هن 1966ع ۾ ڳوٺ گولو فقير، تعلقي دادوءَ ۾ نامور ڍولڪ نواز غلام حسين سخيراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس خاندان 1976ع واري وڏيءَ ٻوڏ سبب ڳوٺ گولي فقير مان لڏي دادو شهر جي محلي شاهه آباد ڇاڻي ۾ آباد ٿيو. پرائمري تعليم شاهه آباد ڇاڻو جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول خداآباد مان پاس ڪيائين. هن موسيقيءَ جي گهراڻي سان تعلق هئڻ سبب ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد کان ڍولڪ، هارمونيم ۽ بئنجي جي سکيا حاصل ڪئي. پندرهن سالن تائين نامور راڳيءَ منظور سخيراڻيءَ سان ڍولڪ تي سنگت ڪيائين. ان کانسواءِ سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، رحمان مغل ۽ ٻين ڪيترن ئي راڳين سان سازن تي سنگت ڪري چڪو آهي. هن سنگيت جي سفر ۾ اڳتي قدم وڌائيندي ڳائڻ شروع ڪيو. هن وقت تائين سندس مختلف ڪمپنين پاران 8 البم جاري ٿي چڪا آهن. ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا استاد عبدالغفور سومري وٽ جاري رکيو اچي. هن وقت آرمي پبلڪ اسڪول دادوءَ ۾ موسيقيءَ جي استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي. پنهنجي پٽ حبدار عليءَ سميت ٻين ڪيترن شاگردن کي موسيقيءَ جي سکيا پڻ ڏني اٿس.


لفظ شبير سخيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو